اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ۽ پاڪستان جو جنم گڏ ٿيو. ريڊيو پياري پاڪستان جو آواز ۽ پاڪستانيت جي علامت آهي، ريڊيي معاشري ۾ اعتدال پسند روين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ريڊيو جي ڪردار ۾ گهٽتائي سان معاشري ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊا??من?? جوبلي جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ ريڊيو پاڪستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص طور تي گهرايو ويو هو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سينيئر آرٽس اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آرٽسٽن کانسواءِ اسان جون ڊا??من?? جوبلي تقريبون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي ا??لا??ات واري وفاقي وزير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. ا??لا??ات واري وفاقي وزير سينيئر آرٽسن سان گڏجي پاڪستان جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ريڊيو پاڪستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي پرفارمنس پڻ پيش ڪيون ويون. ا??لا??ات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آرٽسٽن کي پاڪستان جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو سهيل عل?? خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود ??ئا.