سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غ??رق??نوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحري?? آزادي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي ا??نگن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي ا??و فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان س??ن الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.