اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ ا??م اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، چيئرمين اين ڊي ايم ليفٽيننٽ جنرل اخترنواز، وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طارق بشير چيما، صوبائي سيڪريٽري زراعت سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ربيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي رٿابندي ۽ آبادگارن کي رليف پهچائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو، متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج جي ورڇ جي مڪينزم ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي س??ن قدمن جو جائزو به ورتو. وفاقي وزير احسن اقبال چي?? ته متاثر علائقن ۾ ٻجن جي ورڇ جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. فورم کي ٻڌايو وي?? ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوک جي لائق ايراضي جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. بوڏ جي صورتحال کي پوکي جي حوالي س??ن موقعن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آ??يو??. بلوچستان جي اختيارين ٻڌاي?? ته ٻجن لاءِ آبادگارن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهيا آ??يو??. فورم چي?? ته جن علائقن ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي ويند?? ته ڪڻڪ پوکي ويندي، جڏهن ته 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهي?? ته اتي تيلي ٻج پوکيا ويندا. پاڻيءَ هيٺ آيل ايراضيءَ کي پوک جي ق??بل بڻائڻ لاءِ ڪوالٽيٽو جائزو ورتو ويند?? ته جيئن امدادي س??گرمين جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اقبال چي?? ته صوبن جي ضرورت جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير فورم کي ٻُڌاي?? ته ٻج ججهي مقدار ۾ موجود آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جتي ضرورت ٿي ٻج فراهم ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ فوري ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آ??يو??. فورم هدايت ڏني ته صوبا 10 آڪٽوبر تائين پوک جي ق??بل ايراضي ۽ ٻج جي ضرورتن کان آگاهه ڪن.