اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪئناڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا جي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا جي ??يرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڪئناڊا جي ??فير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ڪئناڊا سان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??عبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ وڏي اقتصادي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪئناڊا جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ موجود موقعا ڳولڻ جي ??رغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان پاڪستان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هو. پاڪستان ۾ آسٽريا جي ??فير اينڊرياوڪ پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آسٽريا سان لاڳاپن کي ٻطرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي ??يڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا جي ڪمپنين کي فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ خصوصي اقصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صدر ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ??المي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا سميت پنهنجي ??المي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر شام جي ??فير ڊاڪٽر رميز الراعي پڻ ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان پاڪستان جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پاڙون رکندڙ آهن. صدر شامي حڪومت پ??را?? پاڪستاني زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي ??وستاڻي قدم کي س??را??يو. هن ٻنهي ملڪن جي ??يئر لائينز پ??را?? ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون هلائڻ جي فيصلي کي پڻ س??را??يو. سربيا جي ??يررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي، پاڪستان 22 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا پاڪستان جي ??فرادي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جا هنرمند نوجوان تعميراتي شعبي ۾ سربيا جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي ??فير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان جي ??يڙپڪاري جون پاليسيون لبرل آهن، پاڪستان جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??و شعبو تمام تيزي سان پکڙجي ??هيو آهي. صدر چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سلوواڪ سيڙپڪاري جي ??جيان ڪنداسين.