اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملاق??ت کان پهرين تاجڪ ??در کي پاڪستان جي هٿيار بند فوج پار??ن گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويندو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ ياداشتن تي صحيون به ٿينديون. معاهدن تي صحيحن جي تقريب پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏکاري ويندي. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ٽاڪ به ڪندا. وزيراعظم تاجڪ ??در جي اعزاز ۾ آج??اڻو به ڏيندو.