اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي گورنر جو بيان ڀارتي قيادت جي جارحاڻي ارادن جو هڪ ٻيو نمونو آهي جيڪو خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ مستقل خطرو آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ?? انرجي س??ڪيورٽي ڊائيلاگ ۽ ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جون ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار بريفنگ ۾ ڪيو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قطر جو دورو ڪيو، قطر جي امير وزيراعظم کي گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پنجين ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏني هئي، ڪانفرنس ۾ وزيراعظم گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي تيز ڪرڻ ۽ انهن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن ??احولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ وبائي مرضن ۽ عالمي س??لائي چينز ۾ وڏي پئماني تي رڪاوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي لاءِ عالمي حمايت تي زور ڏنو، دوحه ۾ وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفي اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عورتن جي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ اهم تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي، ان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪميشن ۾ شرڪت ڪئي، گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل ۾ عورتن جي مسئلن تي مباحثن ۾ خطاب ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي شريڪ چيئر طور اسلامو فوبيا ۽ اسلام ۾ عورتن بابت تقريبن جي شريڪ سربراهي شامل آهي. سي ايس ڊبليو جي 67 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزير عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ ڪم جي س??ورين سطحن تائين پهچ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل ۾ پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير غيرملڪي قبضي جهڙوڪ فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن جي خراب حالت تي پنهنجو آواز بلند ڪيو. هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت غيرملڪي قبضي وارن علائقن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي لاءِ مانيٽرنگ مڪينزم قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته ”اسلام ۾ عورتون: اسلامي دنيا ۾ عورتن جي حقن ۽ سڃاڻپ کي س??جهڻ“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزير مسلمان معاشرن ۾ عورتن جي حقن، ڪردار ۽ سڃاڻپ بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ??سلمان عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن زندگي جي س??ورن شعبن، تعليم، ڪاروبار، اقتصاديات، سياست ۽ حڪمراني ۾ بي پناهه تعاون ڪيو آهي. هن غيرمسلم معاشرن ۾ مسلمان عورتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن کان انڪار ۽ مسلمان عورتن جي خلاف منفي ۽ دقيانوسي ۽ امتيازي س??وڪ بابت پڻ ڳالهه ڪئي. ترجمان چيو ته جرمني جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لنڊر 7 کان 8 مارچ 2023ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، هي ان جو پاڪستان جو پهريون دورو هو، هن ??رڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، موسمياتي تبديلي واري وزير سينيٽر شيري رحمان ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر سان ملاقاتون ڪيون. واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت، لڏپلاڻ ۽ چرپر ۽ موسمياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. جرمني سان تعميري ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جو دهشتگردي جي خاتمي بابت ڊائيلاگ 6 کان 7 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيو، پاڪستان پاران پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري س??د حيدر شاهه جي قيادت ۾ وفد شرڪت ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون، علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ جو احاطو ڪيو ويو. پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو، آخري دهشتگردي جي خاتمي بابت ڊائيلاگ 2016ع ۾ منعقد ٿيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته 7 مارچ تي پاڪستان تاشقند، ازبڪستان ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي خصوصي نمائندن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان جي نمائندگي ازبڪستان ۾ اسان جي هيڊ آف مشن ڪئي جتي اسان جي وفد افغانستان جي صورتحال تي علائقائي موقف جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح جي توثيق ڪئي، ايندڙ مهيني تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ وزارتي ميٽنگ دوران اهو غور فڪر ٺوس نتيجن جي منزل طئي ڪندو. ڊي – 8 آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن جي س??ڪريٽري جنرل سفير اسياڪا عبدالقادر امام پاڪستان سان ڊي – 8 تعاون تي مشاورت ڪرڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي دوري 4 کان 11 مارچ تائين پاڪستان ۾ آهي، هو پاڪستان جي پرڏيهي س??ڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان پڻ ملاقات ڪندو. هن ڊي – 8 نيٽ ورڪ آف پائنرز فار ريسرچ اينڊ انوويشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ فيصل آباد ۾ زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي بابت ڊي – 8 ريسرچ سينٽر جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ??لهايو ويو، ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جنوري 2001ع کان هيستائين گهٽ ۾ گهٽ 682 ڪشميري عورتون شهري ڀارتي فورسز جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو شڪار ٿي چڪيون آهن، انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي بدران ڀارتي س??ڪيورٽي فورسز انهي عرصي دوران 11256 عورتن کي زيادتي جو شانو بڻايو، عورتون ڪشميري عوام جي اڪثريت آهن جيڪي نفسياتي مسئلن ۾ ورتل آهن جيڪي ڏاڍ ۽ خوف جي ماحول ۾ رهي رهيون آهن، آسيه اندرابي س??يت 2 درجن کان وڌيڪ عورت اڳواڻ ۽ ڪارڪن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ نئين دهلي جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان چيو ته سڄي دنيا جي عورتن کي پنهنجي ڪشميري ڀينرن جي خراب حالت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ ڪري، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري عورتن جي س??گين صورتحال تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندو رهندو، اسان گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي س??اسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 1961ع جي غيرملڪي عوامي دستاويز ڪنوينشن جي لاءِ قانوني حيثيت جي ضرورت کي ختم ڪندڙ هيگ ڪنوينشن سان اتفاق ڪيو آهي. ان ڪنوينشن جي ذريعي تصديق ٿيل غيرملڪي عوامي دستاويز کي لاڳاپيل عملدارن آڏو سڌوسنئون پيش ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن ??ي تصديق جي ضرورت، اسان جلد ئي وڌيڪ تفصيل شيئر ڪنداسين. هن چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 10 مارچ تي بحرين جي شهر منامه ۾ سالياني منامه ڊائيلاگ ۾ شرڪت جي لاءِ بحرين ويندي، هو علائقائي س??امتي جي چئلينجن تي گول ميزن ۽ پينل مباحثن ۾ شرڪت ڪندي ۽ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ حڪومتي عهديدارن سان ملاقات ڪندي، مملڪتي وزير لنڊن ۾ 13 کان 15 مارچ تائين دولت مشترڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ برطانيا جو سرڪاري دورو پڻ ڪندي، هو دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي ٻين دولت مشترڪه ملڪن جي شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل جي افغانستان بابت نائب خصوصي نمائندو مارڪس پوٽزل 9 کان 10 مارچ تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي، هو پرڏيهي س??ڪريٽري سان ملاقات ڪندي ۽ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جنهن ۾ انساني صورتحال تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ترجمان چيو ته ايندڙ هفتي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ?? ٻه اهم مذاڪرات ٿيندا، انهن ۾ انرجي س??ڪيورٽي ڊائيلاگ ۽ ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ شامل آهن، انرجي س??ڪيورٽي ڊائيلاگ 15 مارچ تي شيڊول آهي، يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جي بيورو آف انرجي ريسورسز جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جيفري پيلٽ آمريڪي وفد جي قيادت ڪندو، پاڪستان پاران پاور وارو سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري قيادت ڪندا، توانائي جي ترجحن، قابل تجديد توانائي جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته موسمياتي ۽ ماحوليات جي ورڪنگ گروپ جو اجلاس 15 مارچ تي طئي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي س??نڊ ۽ عالمي ماحوليات ۽ سائنسي معاملن (او اي س??) جي اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا آمريڪي وفد جي قيادت ڪندي، ٻئي ڌريون پاڪستان جي آبهوا جي ترجيحن ۽ توانائي جي منتقلي، پاڻي جي انتظام، موسمياتي س??ارٽ ايگريڪلچر، حياتياتي تنوع ۽ محفوظ قومي علائقن، هوا جي معيار ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، اهو انرجي س??ڪيورٽي ڊائيلاگ ۽ ڪلائميٽ اينڊ انوائرمنٽ ورڪنگ گروپ جو ٻيو دور هوندو، پهريون رائونڊ عملي طور تي س??پٽمبر 2021ع ۾ منعقد ٿيو هو. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اوڀر ايشيا جي ملڪن بشمول آسٽريليا، چين، جاپان ۽ ملائيشيا سان ٻطرفيون ڳالهيون ٿينديون، پاڪستان ۽ آسٽريليا 16 مارچ تي اسلام آباد ۾ اعليٰ عملدارن جي وچ ?? ڳالهين ۽ واپاري ڳالهين جو 8هون اجلاس منعقد ڪندا، ڌريون ٻطرفن لاڳاپن ۽ گهڻ رخي تعاون جو جائزو وٺنديون جن ۾ سياسي، اقتصادي واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي، تعليمي ۽ فني تعاون ۽ عو??م سان عوام جي رابطن سان لاڳاپيل معاملا شامل آهن. هن چيو ته واپاري ڳالهين ۾ ڌريون پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ?? ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته هو پاڪستان جي انهن عورتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جن ملڪ جي ترقي ۽ معاشي واڌويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان جي پوري تاريخ ۾ عورت سفارتڪارن ترقي جي ان سفر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي نمايان نمائندگي ڪئي آهي. بعد ۾ صحافين جي س??الن جا جواب ڏيندي هن ??اضح لفظن ۾ چيو ته نام نهاد گورنر بي بنياد دعويٰ ڪئي آهي جنهن سان نه ته تاريخ جي حقيقت کي تبديل ۽ نه ئي ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو هجڻ جي حيثيت کي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ انگ نه آهي نه ڪڏهن ??و. ترجمان چيو ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي قابض آهي جيڪا عالمي قانونن تي گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ دعويٰ جو سهارو وٺڻ بدران ڀارت کي تڪراري علائقي تان پنهنجو قبضو ختم ڪري ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو ناقابل تنسيخ حق استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي.