اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو پارليامينٽ جو اختيار آهي، اسا?? کي احتساب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي 50هين سالگره جي موقعي تي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايوان ۾ موجود سمورين شخصيت?? کي گولڊن ج??بلي مبارڪ هجي، اها تقريب سينيٽ چيئرمين ج?? قابل تحسين قدم آهي. هيءَ تقريب جمهوري قدرن ج?? حوالي سان اهميت وارو آهي. سينيٽ وفاق جي ع??امت آهي جنهن ۾ سمورن صوبائي اڪائين ج?? نمائندگي شامل آهي. پ پ ان آئين ج?? خالق آهي، هي آئين مشڪل حالتن ۾ ملڪي استحڪام جو ضامن رهيو، ان ۾ مساوات جي اصول تي ع??ل ڪيو ويو. هن چيو ته سمورين سياسي اختلافن باوجود پارليامينٽ خاص ڪري سينيٽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اسا?? کي عملي قدمن ذريعي سياسي قدرن تي ع??ل ڪرڻ گهرجي. اسا?? کي سينيٽ جي عزت ۽ احترام ۾ واڌ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، مستقبل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلي بين الاقوامي مسئلو آهي، اسان آئين ج?? احترام ڪريون ٿا، ان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ته ائين ئي هئڻ گهرجي. ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، ڪنه?? کي عدليه ۽ ادار?? کي نشانو بنائڻ نه گهرجي. آئين ۽ قانون ج?? احترام ڪرڻ گهرجي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو پارليامينٽ جو هميشه احترام ڪيو، اسا?? کي احتساب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي.