اسلام آباد – 05 ن??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم ج?? موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو آهي ??ه پاڪستان گلوبل وارمنگ ۾ ٽرانسپورٽ جي مقدار کي نظر ۾ رکندي ان جي تدارڪ جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جوڙي ڇڏي آهي ??نهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي جي خاتمي ۾ مدد ملندي پر عوام کي سستي ٽرانسپورٽ جي سهولت ملندي، فيول جي مد ۾ ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائين ايندي، مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ٿيندي، نئين صنعت کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ 3 هزار کان وڌيڪ بند پيل سي اين جي اس??يش??ن کي اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اس??يش??ن ۾ تبديل ڪنداسين. پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.