اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نجي ٽي وي جي ڪئميرامي?? فياض علي جي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مرحوم جي گهروارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وزيرا??ظم جي هدايت تي سندس گهرڀات??ن سان تعزيت ۽ انهن جي دادرسي جي لاءِ هتي آئي آهيان، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو سڀني جي خبر رکي ٿو پر ان جي خبر ائين نه ٿي ورتي وڃي جيئن وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي مارجي ويل ڪئميرامي?? فياض جي گهرڀات??ن سان تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه اچڻ ۽ گهرڀات??ن سان ملاقات کانپو??ِ صحاف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو.