اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع ڏينهن 20 هزار گهرن جي تعمير جي 7 مختلف منصو??ن جي پيڙهه جو پٿر رکندو، انهن منصو??ن جي ماليت 100 ارب رپيا آهي، 6 منصوبا فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن جڏهن ته هڪ منصوبو پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن بابت آهي. گهرن جي تعمير ۽ فراهمي معاشي ترقي ۽ معاشرتي استحڪام جي حوالي سان ملڪي مع??شت جو هڪ اهم شعبو آهي.