اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اين سي او سي ٽي ٽي ڪيو قدمن تحت پاڪستان ۾ ڪورونا وا??رس جي وڌيڪ پکيڙ وارن علائقن جي نشاندهي ڪئي آهي، سمارٽ ل??ڪ ڊائون حڪمت عملي تحت وزيراعظم جي ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي اعلان موجب اين سي او سي پوري پاڪستان ۾ ممڪنه ڪورونا ڪلسٽرز ۽ هاٽ اسپاٽس جو جائزو ورتو، سڄي پاڪستان ۾ 20 شهرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۾ ممڪنه طور تي اضافو ٿيو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پابندي جي قدمن جي ضرورت آهي، ا??ن سي او سي جي ذريعي اها ڳالهه صوبن سان شيئر ڪئي پئي وڃي، جي نائن ٽو ۽ جي نائن ٿري ۾ ٽي سئو ??ان وڌيڪ ڪيس هئا، ڪراچي ڪمپني سميت انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو هو، اسلام آباد ۾ نئين هارٽ اسپاٽ کانپوءِ هيٺيان علائقا جن کي سيل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ جي سڪس، جي سيون، غوري ٽائون، بهاره ڪهو، آءِ ٽين، آءِ ايٽ کانسواءِ مختلف شهرن ۾ جن ۾ اهو وا??رس تيزي سان پکڙجڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو رهيو آهي، ا??ن سي او سي جي ذريعي ضروري پابندي وارن قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ راولپنڊي، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا،سوات، حيدرآباد، سکر، سيالڪوٽ، گجرات، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، خيرپور، ڊي جي خان، مالاڪنڊ ۽ مردان شامل آهن.