اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌ?? هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ??اڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ??يب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌ?? هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي ??رباني ڏني. سندس طاقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ??اڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ??وئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي ??يشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زندگي جي ??ختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.