اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آ??ي، خدشو آ??ي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن ??ي امن فوج جي پرامن ??نت هئي، اهڙي پرامن ??ڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ض??ور?? آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.