مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪش??يرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪش??ير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪش??ير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، ڪش??ير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪش??ير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپو??، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، ??زاد ڪش??ير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪش??ير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪش??يرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪش??ير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ??يو.