اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز ??ريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران ??ان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ??ان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي ا??ڪل نواز ??ريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان ??لائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.