اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم هڪ پ??امن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پر??ڻي ??وق?? کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي في??لن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.