اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مخالف ڌر جيترو مرضي زو?? لڳائي نتيجو ٻ??ي ضرب ٻڙي نڪرندو، مخالف ڌر جي سياسي ٻيڙي وچ منجهدار ۾ ٻڏندي، ماڻهن کي ڪورون?? وائرس جي به خبر آهي ۽ نيڪٽا جي هاءِ الرٽ جي به، مخالف ڌر جي سياست بند گهٽيءَ طرف وڃي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گهرو وزير چيو ته مخالف ڌر کي سڀاڻي مايوسي ۽ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ عمران خان سرخرو ٿيندو.