اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان ??ان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حنيف جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳا??هائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه ساجد نقوي سان ڳا??هائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مج??سن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مج??سن ۾ شرڪت ڪندڙ ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتون گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نقوي صدر کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.