اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو گڏيل لاڳاپن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، وزيراعظم جو ه?? دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا ط??ي ٿيا. پاڪستان ٽيليويزن کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي انٽرويو ۾ هن چي?? ته وزيراعظم ج?? دور?? دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چي?? ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته دور?? دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت سان لاڳاپيل ۽ گڏيل معاملن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.