اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته ا??ان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، ا??ان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر ت??لي?? ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوج??ان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، ا??ان انهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان ??ان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪامياب ج??ان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب ج??ان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت ??ان 101447 اسڪل اسڪالرشپ ??ان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪامياب ج??ان پروگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪامياب ج??ان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪامياب ج??ان انوويشن ليگ، ڪامياب ج??ان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪامياب ج??ان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي ا??لي?? مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.