اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏيهي وزارت ۾ ??لا??ات ڪئي. پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي چيئرمين حفيظ خان به ساڻس گڏ هو. ??لا??ات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، معاشي سفارتڪاري سم??ت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اسان جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪمپنيون انهن مراعتن مان فائدو کڻندي پاڪستان جي مخ??لف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ??لا??ات ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاويد جي خدمتن کي ساراهيو. طاهر جاويد پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.