اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) ??جڪ??ري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته ادارن جي ??جڪ??ري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادارن جي وقت سر ۽ شفاف ??جڪ??ريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي ??جڪ??ريءَ جو هفتيوار جائزه اجلاس ??جڪ??ري وزارت ۾ منعقد ٿيو. ??جڪ??ري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ سيڪريٽري ??جڪ??ري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي مختلف سرڪاري ادارن جي ??جڪ??ريءَ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران جناح ڪنيونشن سينٽر، ايس ايم اي بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادارن جي ??جڪ??ري جي معاملن تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفا?? هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي بورڊ جي منظوريءَ لاءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه مان بورڊ جي منظوريءَ کانپوءِ ايڪسپريشن اينڊ انٽريشن شايع ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي ا??ائ??نٽس جي آڊٽ لاءِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي ??جڪ??ري موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.