اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي انهن جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولت??ن پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ملاقات ۾ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ حڪومت جي راءِ جو حق ڏيڻ واري قدم ۽ نادرا جي ذريعي پاور آف اٽارني جي آن لائين نظام جي افاديت ۽ پذيرائي جي حوالي سان ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وزيراعظم کي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن جي لاءِ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن بابت پڻ ??ري??نگ ڏني وئي. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏنو ۽ انهن جي لاءِ وڌ کان وڌي سهولت??ن پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.