اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪا??ون??نٽس مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڪا??ون??س جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن فنڊنگ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پارٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چ??و ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 9 کي آرٽيڪل 25 سان گڏائي پڙهو ته اهو به رويي ۾ بنا فرق جي حق ڏي ٿو. فرخ حبيب چ??و ته (ن) ليگ جا 9 ڳجها اڪا??ون??س سامهون آيا آهن، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪا??ون??س، 2014ع ۾ 11 اڪا??ون??س ۽ 2015ع ۾ 10 اڪا??ون??س اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چ??و ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. مملڪتي وزير چ??و ته ڪنهن چندو يا ڪنهن امداد ڏني، اهم رقم جو رڪارڊ نه آهي، ٻنهي پارٽين وٽ مني لانڊرنگ، جعلي اڪا??ون??س ۽ ٽي ٽيز وانگر ان معاملي ۾ به ڪو رڪارڊ نه آهي. هن چ??و ته (ن) ليگ 62 ڪروڙ مان 98 سيڪڙو رقم جو ڪو رڪارڊ ئي پيش نه ڪري سگهي، ڀون داس 3 ڪروڙ ۽ حنيف خان ساڍا 4 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا. مملڪتي وزير چ??و ته اليڪشن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. فرخ حبيب چ??و ته مسلم ليگ (ن) کي 2013ع کان 2015ع ٽن سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا آيا، هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪو حساب نه ڏنو ويو. مملڪتي وزير چ??و ته پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي هڪ ٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، 10 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين پيپلزپارٽي کي ضابطن جي خلاف ڏنا جڏهن ته پيپلزپارٽي جو 35 ڪروڙ عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي.