اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين س??نيٽر فيصل جاويد چي?? آهي ته حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسن جي ڪري معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، نوڪرين ??ي موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، مقصود پٽيوالي، غلام شبير قريشي ۽ اقرار حسين ??ي پگهار هزارين ??وپين ۾ آهي جڏهن انهن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين ??وپيا ويا، اهي پئسا مني لانڊرنگ جي ذريعي شهباز شريف جي اڪائونٽس ۾ ويا. سينيٽ جي اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب تي ٿوري جي رٿ تي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر فيصل جاويد چي?? ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ ٻن حصن جي ڳالهه ڪئي، هڪ اڄ جو پاڪستان آهي ۽ هڪ ڪالهه جو پاڪستان هو، هڪ 2018ع کان اڳ جو پاڪستان هو ۽ هڪ اڄ 2022ع جو پاڪستان آهي، هن چي?? ته 2018ع ۾ ملڪ کي 20 ارب روپيا ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو درپيش هو، عالمي بئنڪ، بلوم برگ ۽ اڪانومسٽ جي تازين ??پورٽن ۾ حڪومتي پاليسين ??و اعتراف ڪيو ويو آهي، ملڪ جي واڌ جي شرح 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هن چي?? ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت تي اثر پيا، بهتر حڪمت عملي جي ڪري پاڪستان جي واڌ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ماضي ۾ واڌ جي شر?? مصنوعي هئي، واڌ جي شرح ۾ اضافي سان نوڪرين ??ا موقعا پيدا ٿيندا، في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، بلومبرگ جي انگن اکرن موجب پڪستان جي واڌ جي شرح وڌندي ۽ نوڪرين ??ا موقعا پيدا ٿيندا، اڪانومسٽ جي رپورٽ موجب ڪورونا وبا جي باوجود معاشي ترقي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر آهي ۽ ڏکڻ ايشيا جو پهريون ملڪ آهي، هن چي?? ته مارچ جي آخر تائين ??ڄي پنجاب جي شهرين کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏينداسين ??ڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ جاري ڪيا ويا آهن، هن چي?? ته ان هيلٿ ڪارڊ جي لاءِ هر خاندان کي علاج جي لاءِ ساليانو 10 لک روپيا ملندا. هن چي?? ته اها پريشاني جي ڳالهه آهي ته مقصول پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ 375 ڪروڙ روپيا ويا ۽ ان جي ماهوار پگهار 25 هزار روپيا آهي، غلام شبير قريشي ۽ اقرار حسين ??ي پگهار به هزارين ??وپين ۾ آهي جڏهن ته سندن اڪائونٽس ۾ ڪروڙين ??وپيا ويا، اهي پئسا مني لانڊرنگ جي ذريعي شهباز شريف جي ڪائونٽس ۾ ويا، سينيٽر قرت العين مري ۽ سينيٽر طاهر بزنجو به بحث ۾ حصو ورتو.