اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايتن کي نظرثاني ج?? لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪ??و وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني ج?? نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌا??و ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايتن کي کول??و ويندو ۽ سنڌ صو??ي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کول??و ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، ??زيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چ??و ويو آهي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.