اسلام آبا?? – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول صاحب! جي??ڏه?? توهان چاهيو ٿا ته توهان جو وس هلي ته ٻن خاندانن کان قوم جي لٽيل رقم واپس ڏياريو، ان جي خلاف تحريڪ هلايو پوري قوم توهان جو ساٿ ڏيندي، بلاول صاحب عوام جو وس هلي ته ٿر جي معصوم ٻارن جي قاتلن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جو وس هلي ته انهن جو م??تقبل انهن کان کسيندڙن کي لوهه جا زيور پارائين، بلاول صاحب! پاڪستان جي عوام باشعور آهي، هن چيو ته عوام مخالف ڌر جي اصليت ۽ نيت ٻنهي کان چڱي ريت آگاهه آهي.