اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بازارن ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه پيون ڪيون وڃن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پاڪستاني شايد سمجهي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس رڳو ??يد تائين هو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ته تمام وڏ?? بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مان ڪورونا وائرس ڪڏهن ختم ٿيندو ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ته تمام وڏ?? سانحو پيدا ٿي سگهي ٿو.