اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي، سمورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، پرنٽ ميڊيا کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، عوام جي خوشحا??ي لاءِ وسيلن جي م??صفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪومت جي انتظام هيٺ ناهي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي م??ڊيڪل رپورٽ جي جاچ ڪندي، اطلاعات واري وزارت ج?? ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪش??پ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت ج?? ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي م??ن ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي رهيا آهن، هن تجويز پيش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ڪارروائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏسي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سان فاشزم جو رستو روڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪردار اهم آهي.