اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومت جي تعاون جي مثبت اڳڀر??ئي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس ??ي باري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جي صوب??ئي حڪومت جي ??چ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀر??ئي آهي، هن چيو ته ان فيصلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀر??ئي ۽ وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتن جي ??چ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.