اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سا?? سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان لاءِ نامزد پاڪستاني سفير بلال حئي سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سا?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهرا معاشي، ??ياسي، ??فاعي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سا?? سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس دوران آذربائيجان طرفان پاڪتسان کي امداد فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون.