اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪنداسين، ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي اجاگر ڪندا رهنداسين، ڀارت پاڪستان ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم بندڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي ان??ن جو خودمختياري وارو حق ڏنو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي يوم سياهه جي موقعي تي پنهنجي خصوصي و??يو پيغام ۾ ڪيو.