اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري انصاف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪومتن نظام کي خراب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪومت ان نظام کي ترجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فوجداري انصاف جي ن??ام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جو قانون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڌارن واري عم?? جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 13 شعبن جي ن??اندهي ڪري ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون جنهن جو?? سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پولي?? اسٽيشنز کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪمپي??ٽر??ئيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پولي?? اسٽيشنز کي سڌو سنئون منتقلي ۽ اسٽيشن انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظام کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي ن??ام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائ?? جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپي??ٽر??ئيزڊ ڪرڻ، پروبيشن ۽ پيرو?? جي نظام کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.