اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وف??قي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت روزاني جي استعمال جي ضرورت جي شين جي مناسب اگهن تي فراهمي ذريعي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، ناڻي واري وزير صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ??صيدارن کي کنڊ جي اضافي طلب بابت ڪاٿا صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سال جي لاءِ کنڊ جي مناسب ??نصوبابندي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه قومي پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جيڪو سندس صدارت ۾ ٿيو.