اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پا?? چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو آهي ته پا??ستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ت??قي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خي??لن جو اظهار پا??ستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پا??ستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ت??قي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کا??نس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پا??ستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پا??ستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پا??ستان جي دوري جو منتظر آهي.