اسلام ??باد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام ??باد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پ??ڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي ??قر??ب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام ??باد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام ??باد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلر?? ۽ ??يڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.