اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، رياستن جي بي??ني?? جي فروغ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي آگسٽ تائين ڊيجيٽلائيز ڪر?? شروع ڪنداسين، آءِ ايس پي آر پاڪستان ۾ مختصر وقت جي فلمن ک?? نئون رخ بخشيو، فلم ٺاهڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ تمام گهڻيون قرب??ني??ن ڏنيون، دنيا ۾ جنگيون هاڻي پنهنجي بي??ني?? جي فتح جي ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون، ماضي ۾ ان تي ڌيان نه ڏنو ويو. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃان ٿو ته هن اسان کي عمارت ڏني جيڪا تقريبن بند پيل هئي. آگسٽ ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٽي سال پورا ٿيندا ته ان عمارت ۾ ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺهي ويندي. هن چيو ته اڄ جي دنيا عوامي راءِ جي دنيا آهي، هاڻي جنگيون بي??ني?? جي ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون جنهن جو بي??ني?? جيتري پذيرائي حاصل ڪندو انهي سان فتح جو تعين ٿيندو، سڄي دنيا ۾ ميڊيا کي بي??ني?? جي جوڙجڪ ۽ ان کي اجاگر ڪر?? جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان کي جهڙي طرح جي جاگرافيائي صورتحال درپيش آهي ۽ جهڙي طرح اسان جنگيون وڙهيون، شهادتون ۽ قرب??ني??ن ڏنيون آهن، ان جي مقابلي ۾ اسان پنهنجو بي??ني?? اجاگر نه ڪري سگهياسين جنهن جي ڪري دنيا اسان جي قرب??ني?? جو اهڙي طرح اعتراف نه ڪيو جهڙي طرح ڪر?? گهرجي ها ڇو ته اسان عوامي راءِ ٺاهڻ جي لاءِ ڪم نه ڪيو.