اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رک??دو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان مسئلي جي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪيءَ جي مضبوط ۽ مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيءَ جي دفاع واري وزير حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ??يو. وزيراعظم ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو. وزيراعظم ترڪيءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان نقصان تي همدردي جو پڻ اظهار ??يو. پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي ورجايو. وزيراعظم بطرفي دفاعي تعاو?? جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن معاملن خاص طور تي ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستا?? جي ڀرپور ۽ مسلسل حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. علائقائي معامل?? جي حوالي سان وزيراعظم افغان امن عمل بابت پاڪستا?? جي موقف کان کيس آگاهه ??يو. وزيراعظم چيو ته ڳالهين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏيڻ جي ڪوششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪيءَ جي دفاع واري وزير ترڪي جي صدر اردوان پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪيءَ پاران پاڪستا?? جي حمايت کي ورجايو. هن وزيراعظم سان ملاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفاد?? جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ترڪيءَ جي ڪوششن جو پڻ ذڪر ??يو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.