اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين گجڪ، بلوچستان ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيو?? بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ??يون ڪري سگهن، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه ??ينديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي واقعي ۾ ڪيپٽن ڪاشف جي شهادت جي خبر افسوسنا?? آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن ڪاشف جا درجا بلند فر??ائي ۽ زخمي اهلڪارن کي جلد صحتيابي عطا فر??ائي.