اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ا??ان خطي ۽ عالمي طاقتن ??ان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن ??ان ٺهندڙ ح??وم?? جي عالمي طاقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پرڏيهي نشرياتي ??داري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغانين ??ان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن افغانستان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي ??هجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانستان مان تيزي ??ان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي، پاڪستان افغانستان جي حوالي ??ان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سالن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ا??ان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن چيو ته افغانستان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط ح??وم?? ضروري آهي، افغان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ا??ان خطي ۽ عالمي طاقتن ??ان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ بدامني نه رڳو پاڪستا?? پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران نه آهي، ا??ان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي، ا??ان ڪابل ما?? پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي ??نتظام ڪيا آهن، افغان پناهگيرن جي حوالي ??ان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي ??چي. هن چيو ته افغانستان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني افغانستان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس ح??وم?? نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن ??ان وڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس ح??وم?? جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪستان ۽ افغانستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي ??ان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪي افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن، افغانستان ۾ ح??وم?? افغانين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي ??ان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن ??ان ٺهندڙ ح??وم?? جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.