اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪمي??ي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي اي پاڪستان جي اسٽ??يٽ??ڪ اثاثن جي ٺوس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و. ??ين سي اي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور تي ائٽمي سلامتي ۽ ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪو??شن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي اي روايتي ۽ اسٽ??يٽ??ڪ شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي جي لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ اسٽ??يٽ??ڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽ??نس جي پاليسي موجب فل اسپيڪٽرم ڊيٽ??نس کي برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسٽ??يٽ??ڪ صلاحيتن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. ??ين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اسٽ??يٽ??ڪ فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي مسلسل ڪو??شن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻايو آهي.