اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي ا??لامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنه??جي خطبي ۾ حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ زندگي مبارڪ تي روشني وڌي.
هن چيو ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ عورتن ۽ ٻارڙين جا حق ادا ڪرڻ ۽ انهن جي ا??ترام جو عملي طور تي درس ڏنو ۽ هن معاشري ۾ ب??عزت ۽ باوقار مقام ڏنو. هن چيو ته اسان کي حضور ﷺ جي تعليمات کي پنه??جي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته عورتن جي وراثتي حقن جي حوالي سان الله تعاليٰ واضح حڪم ڏنا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جا قانون موجود آهن. اسان جي ذميداري آهي ته انهن قانون جي عملدرآمد جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا3 دعا گ??ري وئي.