اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ??ين ٿا، ??وءِ سڀ ن??رمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احساس دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان ج?? اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ج?? آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته وقت واريءَ وانگر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.