ل??هو?? – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي، جتي اربن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهولتن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو، م??صوبي جي باري ۾ هائوسنگ سوسائٽي هجڻ جو تصور درست نه آهي، پر اهو شهرن کانسواءِ ڪنهن منصوبي جي تعمير ۾ ٿيڻ وارين ??لط??ن کي صحيح ڪرڻ جو وڏو منصوبو آهي، 2 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ، زمين هيٺ پاڻي جي ڪرندڙ سطح کي بلند ڪرڻ ۽ سيوريج جي فلٽريشن ان منصوبي جون نمايان خصوصيتون آهن، 20 ارب ڊالر جي ان منصوبي ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رک جهوڪ ۾ پنهنجي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي ڪري ل??هو?? هڪ نئون شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اسلام آباد کانپوءِ پلاننگ تحت پهريون ڀيرو ل??هو?? ٻيو وڏو شهر ٿيندو، م??صوبي تحت ئي راوي درياءُ جو بچاءُ ممڪن آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها پهرين حڪومت آهي جنهن ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جو ذمو کنيو آهي، 20 ارب ڊالر جي منصوبي سان غير ملڪي فنڊنگ ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ايندي، م??صوبي سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪ ۾ 30 کان 40 نيون صنعتون به لڳنديون، هن وقت تائين ڏيڍ ارب ڊالر جي غير ملڪي سيڙپڪاري ملڪ ۾ اچي چڪي آهي. جيڪا انتهائي خوش آئنده آهي ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ل??هو?? هاءِ ڪورٽ ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ پروجيڪٽ کي صحيح طريقي سان پيش ناهي ڪيو ويو، حڪومت ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي جتي اربن ڊولپمينٽ ۽ شهري سهولتن جي پس منظر ۾ ان منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويندو.