اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين م??مد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شب برات عظيم ۽ فض??لت واري رات آهي، ان رات الله تعاليٰ پنهنجي بندن تي رح??ت ۽ بخشش جا دروازا کوليندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب شب برات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چ??ئرمين چيو ته شبِ برات جي مقدس رات جي موقعي تي پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڙهندڙ جوانن کي پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان تي رح??تن ۽ برڪتن جو سايو سدائين برقرار رکي ۽ الله پاڪستان جي حفاظت ڪري ۽ ايندڙ سال ۾ ملڪ کي مصيبتن ۽ مسئلن کان محفوظ رکي.