اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪن ک??لي ٻڌي ڇڏي چونڊن جو اعلان حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي ڪيو ويندو، 6 ڏينهن جو الٽي ميٽم نه ڏيو، توهان 6 صدين تائين ٻيهر اسلام آباد نه ٿا اچي سگهو، عمران خان اعتراف ڪري ڇڏيو ته کيس عوام رد ڪري ڇڏيو ۽ هو هارائي واپس ويو آهي، عمران خان جي ??ياري هٿيار ۽ ڏنڊا گڏ ڪرڻ تي هئي جيڪي انهن جي ??هديدارن، ڪارڪنن ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي گهرن مان برآمد ٿيا، خيبرپختونخواهه جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي 35، 35 لک رپيا ڏيڻ جي ??اوجود اهي 35 هزار ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا، آءِ ايم ايف سان توهان جي ڪيل معاهدن جي ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو مشڪل ترين فيصلو دل تي پٿر رکي ڪرڻو پيو، اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ ۽ نمائندگي جو حق ڏنو آ??ي جنهن جو طريقيڪار اليڪشن ڪميشن طئي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ربراهه عمران خان جي پريس ڪانفرنس جي ??دعمل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پريس ڪانفرنس ۾ حيران ڪندڙ، پريشان ڪندڙ ۽ تهلڪه خيز انڪشاف ڪيا ۽ هن تسليم ڪيو ته اسان ناڪام واپس ٿياسين ۽ عوام اسان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان جو اهو چوڻ ته هو تياري سان نه آيو هو اهو ان جي ناڪامي جو ثبوت آهي، اصل ۾ عمران خان جي ??ياري رڳو هٿيار ۽ ڏنڊا گڏ ڪرڻ تي هئي جيڪي ان جي ڪارڪنن، ٽڪيٽ هولڊرز ۽ عهديدارن جي گهرن مان برآمد ٿيا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان جو انڪشاف ڪيو هو ته خوني انقلاب جي ??ياري ڪرير هيا آهن پر عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته خان صاحب انقلاب هٿيار، ڏنڊي، گار ۽ تشدد تي اتساهي ناهن ايندا. هن چيو ته نواز شريف جڏهن عدليه بحالي جي لاءِ نڪتو هو هو هٿيار کڻي نه نڪتو هو، جڏهن نواز شريف نڪتو ته عوام پاڻ ٻاهر اچي وئي ۽ عوامي انقلاب ائين هوندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري فواقي وزير چيو ته جيڪو مايوس ۽ ناڪام ٿي وڃي ٿو اهو پريس ڪانفرنس نه ٿو ڪري اهو مشورو به توهان کي ڪنهن غلط ڏنو آهي، ناڪام ٿي توهان کي گهرجي ??ه سڪون ??ي گ??لي کائي آرام ڪريو ۽ شهباز شريف کان سکو ته حڪومت ڪيئن ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اسان توهان کي مانيٽر ڪري رهيا هئاسين، اسلام آباد ايف ايٽ داخل ٿيڻ کانپوءِ 5 ڀيرا رڪيا ۽ آواز لڳائيندا رهيا ته پهچو پر ماڻهو نه آيا، توهان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ??وهين ڪندي ماڻهن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چوندا رهيا پر ماڻهن توهان جي ??نڊه گردي، تخريبڪاري ۽ منفي سياست کي رد ڪري ڇڏيو، ملڪيتن کي باهه لڳائڻ، وڻ ساڙڻ ۽ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملي آور ٿيندڙن کي عوام تسليم نه ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته هڪ پوليس اهلڪار عمران خان جي هڪ عهديدار جي گ??لي سان شهيد ٿيو جنهن سان ان جا 5 ٻار يتيم ٿي ويا پر عمران خان تعزيت جي لاءِ ان جي گهر نه ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ ڪارڪن جي فوت ٿيڻ تي به افسوس آ??ي جيڪو خان صاحب جي منفي سياست جي ڪري فوت ٿيو، سياسي ڪارڪن ڀلي ڪنهن به پارٽي مان هجن اهي سياستدانن جي لاءِ اثاثو هوندا آهن ان لاءِ اسان سياسي ڪارڪنن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ اسان کي ان ڪارڪنن جي فوت ٿيڻ تي افسوس آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا ۽ پيٽرول جون قيمتون هر مهيني وڌائڻ جو واعدو ڪيو هو جنهن جي ڪري اڄ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا ۽ نه چاهيندي به پيٽرول جي قيمت وڌائڻي پئي. هن چيو ته عمران خان پيٽرول جي قيمت وڌائڻ تي جيڪو ٽيڪس وصول ڪندو هو ان کي به پنهنجي کيسن ۾ ڀريندو رهيو ۽ آخر ۾ بي اعتمادي جي ڪاميابي جي ??وف کان توهان سبسڊي جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سموريون ??ڪاوٽون ??تم ٿي ويون هيون پر ان جي ??اوجود توهان ناڪام ٿيا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ ڪا رٻڙ جي گ??لي نه هئي ۽ سمورا اهلڪار غيرهٿياربند هئا جن تي توهان جي ماڻهن تشدد ڪيو. هن چيو ته 18 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ميٽرو اسٽيشن کي ساڙيو ويو، وڻ ساڙيا ويا ۽ پنهنجي ناڪامي جي ڪاوڙ توهان ملڪيتن تي ڪڍندا رهيا. هن چيو ته چار سال جي ??ڪومت جي ناڪامي جي نتيجي ۾ عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڀوڳي رهي آهي، توهان چار سالن ۾ عوام کي مافياز جي ??حم ڪرم تي ڇڏي رکيو هو ۽ اهو بار اسان کي کڻڻو پئجي ??هيو آهي. هن چيو ته توهان ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کان چندو گهرائي کائيندا رهيا اسان انهن مان نه آهيون ۽ اڄ توهان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جي ??ق کان محروم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان نه رڳو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ووٽ جو حق محفوظ ڪيو آهي پر هڪ قدم اڳتي وڌي انهن کي نمائندگي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي جنهن جو طريقيڪار اليڪشن ڪميشن طئي ڪندي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي خودمختيار بڻايو آهي ۽ 75 سالا تاريخ ۾ صحيح معنيٰ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ۽ نمائندگي ملڻ وڃي رهي آهي، چونڊون چوري ڪندڙن کي ڪهڙي خبر منصفاڻيون چونڊون ڇا ٿينديون ??هن. مريم اورنگزيب چيو ته خان صاحب توهان کي هن وقت سڪون جي ??رورت آ??ي جيڪا توهان جي ??هني حالت ٿي وئي آهي ان جي لاءِ سڪون ??ون گوريون کائو ۽ گهر رهو، ادارن ۽ سپريم ڪورٽ کي ڌمڪيون نه ڏيو، نيوٽرلز به نيوٽرل رهڻ ۽ سپريم ڪورٽ آئين سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ڪوويڊ، فيٽف، چارٽر آف اڪانومي ۽ قومي سلامتي جي ??يشوز تي جيڪو گڏجي ويهڻ لاءِ تيار نه هو اهو اڄ گڏ ويهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اها ڳالهه کيس ذهن ۾ رکڻ گهرجي ??ه چونڊون پنهنجي ??ئيني مدي تي ٿينديون ۽ ان جو فيصلو حڪومت ۽ ان جا اتحادي پارليامينٽ ذريعي ڪندا. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي معاهدي جون ??خت شرطون ??مران خان طئي ڪيون هيون ??نهن جو نتيجو مهانگائي جي ??ڪل ۾ عوام ڀوڳي رهي آهي، اسان مشڪل فيصلو ضرور ڪيو آهي پر ان ڳالهه جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ??ه عوام کي ڪيئن ريليف ڏنو وڃي. هن چيو ته شهباز شريف اهو وزيراعظم آ??ي جيڪو ڏينهن رات ڪم ڪري ٿو، هاڻي اڳ وارو وزيراعظم نه آ??ي جنهن کي ٽي وي ڏسي ڊالر جي قدر وڌن جي ??بر پوندي هئي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته جيڪو جلسو نه ڪري سگهيو اهو لانگ مارچ ڇا ڪندو، انقلاب جي پهرين ڏينهن عمران خان هيلي ڪاپٽر تي چڙهيل رهيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪنٽينر تي چڙهي آيو ۽ ڀڄي ويو. هن چيو ته عوام جي ??اقت کانسواءِ نه اقتدار رهي ٿو ۽ نه انقلاب اچي ٿو، جهڙي طرح عوامي طاقت جي ??ريعي نواز شريف بار بار اقتدار آ۾ به آيو ۽ کيس ملڪ ۽ قوم جي ??دمت جو موقعو به مليو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ??رڪاري هيلي ڪاپٽر جي ??ستعمال جو اڳ ۾ ئي عمران خان تي الزام آهي، هاڻي هو وزيراعليٰ هاوس ۾ رهي رهيو آهي، کيس خيبرپختونخواهه ۾ رهڻو آهي ته ڪرائي جو گهر وٺي عزت سان رهي، سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪري. هن نجي ٽي وي چينل جي ??مارت ۽ نجي چينل جي ??پورٽر تي مارچ جي ??رڪت ڪندڙن پاران حملي جي ??ه مذمت ڪئي ۽ چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي پاڻ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي حملو ڪرڻ جو چوندو رهيو، ان جي ڪارڪنن به اهو ئي رويو اختيار ڪيو. هن چيو ته ايگزيڪيوٽو، عدليه، ميڊيا ۽ پاڪ فوج جو پنهنجو پنهنجو ڪردار هوندو آهي ۽ سمورن جي وچ ۾ رابطو رهي ٿو ۽ اهو رابطي جو عمل جاري رهندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته عمران خان جي ??ياري خوني لانگ مارچ جي هئي، خيبرپختونخواهه ۽ وفاق جي پوليس کي آمهون ??امهون ??ندو ويو، عوام ٽي وي اسڪرينز تي منظر ڏٺا ته ڪهڙي طرح مارچ جي ??رڪت ڪندڙن هٿيار کنيل هئا.