اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري ??يان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ ??ي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪري ??هيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار س??ب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.