ڊيره غازي خان – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري دوائن جي ملڪ ۾ آساني سا?? دستيابي ۽ عوام کي مناسب قيمت تي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي مڪم?? طور تي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، افرادي قوت کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن ڊيره غازي خان ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران م??ن آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن ۽ قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کان انهن جي خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.