اسلام آ??اد – 17 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پهريون ڀيرو بلڊرز ۽ ڊويليپرز لاءِ فڪسڊ ٽيڪس رجيم متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن تحت في چورس فوٽ/في چورس گز جي بنياد تي فڪسڊ ٽيڪس لاڳو، سيمينٽ ۽ اسٽيل کانسواءِ سموري سامان تي ڪو به ود هولڊنگ ٽيڪس نه هوندو. سروسز (خدمتن) جي فراهمي تي ود هولڊنگ ٽيڪس کان ڇوٽ، بلڊرز ۽ ڊويلپرز جيترو ٽيڪس ادا ڪندا ان جو ڏهُون تي آمدني/منافعي جو ڪريڊٽ وصول ڪري سگهن ٿا، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي لاءِ ٽيڪس 90 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس (CVT) کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، ۽ نون ۽ جاري منصوبن کي آءِ آر آءِ ايس ويب پورٽل جي ذريعي فيڊرل بورڊ آف روينيو تي رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو، ميڊيا ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهڻ ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي اسڪرين جي ذريع?? پيغام کي ??ام ڪري، ڪورونا وائرس کان احتياط ئي واحد علاج آهي، هلندڙ هفتي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس کي ذاتي تحفظ جا اوزار (پ?? پي ايز) جي فراهمي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ مرحلي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پريس ڪلبز جي ذريع?? پي پي ايز فراهم ڪنداسين، هو نيشنل پريس ڪلب اسلام آ??اد ۾ ميڊيا ادارن ۾ ذاتي تحفظ جا اوزار (پ?? پي ايز) ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.