اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو مم??ن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر مم??ن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اظهار ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدار?? ۾ ??تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، اطل??عا?? وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپ??ين جا نمائندا شريڪ ٿيا.